- Advertisement -
اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ جي سربراهه ميان نواز شريف چيو آهي ته خدا جي واسطي اتحادي حڪومت جو نالو نه وٺو، جيڪڏهن ملڪ جا مسئلا حل ڪرڻا آهن ته ڪنهن هڪ پارٽي کي اڪثريت ملڻ ضروري آهي.
لاهور ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته عوام گهرن مان ٻاهر نڪري ووٽ ڪاسٽ ڪري.
هن چيو ته سندن منشور ۾ واضح آهي ته حق عوام جي درن تائين پهچائڻ گهرجن ۽ اسان پهچائينداسين.
نوازشريف چيو ته هڪ پارٽي لاءِ اليڪشن ۾ مڪمل مينڊيٽ حاصل ڪرڻ تمام ضروري آهي ته جيئن هو ٻين تي نه ڀاڙي.
هن چيو ته اليڪشن کانپوءِ ملڪ مان بدتميزي ۽ گار گند جو ڪلچر ختم ٿي ويندو، زندگيون آسان ٿينديون، پاڪستان جا ماڻهو خوشحال ٿي ويندا.
مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو آهي ته مريم نواز خراب وقت ۾ پارٽي جو ساٿ ڏنو، شهباز شريف به پارٽي ۾ گهڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، اسان جيل ڪاٽيا آهن.
- Advertisement -
