- Advertisement -
عوام کي سستو اٽو مھيا ڪري ڏيڻ جو ذميوار خوراڪ کاتو ڪڻڪ جي ذخيرا اندوزي ۽ اسمگلنگ روڪڻ ۾ مڪمل طورناڪام ٿي ويو آهي، پريالوءِ مان روزاني جي بنياد تي ٽرڪن ذريعي ڪڻڪ جي اسمگلنگ جاري آهي.
علائقي واسين جو چوڻ آهي ته پريالي ۾ ڪڻڪ جي اسمگلنگ جاري رهڻ سبب اٽي جو اگھ في ڪلو 200 رپين کان وڌيڪ ٿيڻ جو خدشو.
علائقي واسين جو چوڻ آهي فوڊ کاتي جي لاپرواهي سبب اٽي جي اگهه تي ضابطو نه اچي سهگيو آهي.
سياسي سماجي تنظيمن ۽سول سوسائٽي جي ماڻهن سنڌ حڪومت کا مطالبو ڪيو آهي ته ڪڻڪ جي ذخيرو اندوزي ۽ اسمگلنگ تي ڪنٽرول ڪري غريب ماڻهو لاء اٽو سستو ڪيو وڃي.- Advertisement -
