خوراڪ کاتي جي پهرين فزيڪل ويريفڪيشن رپورٽ ۾ هوش وڃائيندڙ انڪشاف

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

خوراڪ کاتي جي پهرين فزيڪل ويريفيڪيشن رپورٽ ۾ هوش وڃائيندڙ انڪشاف ٿيا آهن.

رپورٽ ۾ صوبي جي 12 ضلعي جي گودامن مان 2 لک 66 هزار 453 ڪڻڪ جون ٻوريون گم ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب، سنڌ ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل ٿيڻ باوجود خريداري هدف پورو نه ٿي سگهيو جڏهن ته 14  لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ مان رڳو 7 لک 7 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ٿي سگهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبي جي بئنڪن مان قرض وٺي خريد ڪيل 2 ارب 67 ڪروڙ رپين جي ڪڻڪ گودامن مان گم آهي جڏهن ته صوبي جي سرڪاري گودامن مان ڪڻڪ چوري معمول بڻجي وئي.

ذريعن موجب، گذريل سال به 2 ارب 80 ڪروڙ رپين جي ڪڻڪ چوري ٿي هئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت ڪڻڪ چوري جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
16%
2.4m/s
13%
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
32 °
اڱارو
32 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون