تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

خون جي حساب لاءِ  افغانستان ۾ داخل ٿيڻ پاڪستان جو حق آهي : خواجه آصف

- Advertisement -
بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته خون جي حساب لاءِ  افغانستان ۾ داخل ٿيڻ پاڪستان جو حق آهي، افغان حڪومت پاڪستان خلاف پنهنجي زمين استعمال نه ٿيڻ جي ضمانت نه ڏئي سگهي آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجا آصف چيو ته سندن مٽيءَ جي تقدس جي لتاڙ ٿيڻ نه ڏني وڃي، هو به اوهان جي ڌرتي تي آڱر کڻڻ نه ڏيندا. سندس چوڻ هو ته ڪابل حڪومت ان سلسلي ۾ اڃا تائين ڪابه ضمانت ناهي ڏئي سگهي ته سندن ڌرتي پاڪستان خلاف ڀارتي حمايت يافته فتنه استعمال نه ڪندا. بچاءَ واري وزير چيو ته هزارين طالبان کي پي ٽي آءِ باني پاڪستان ۾ آڻي آباد ڪيو، اڄ به تحريڪ انصاف دهشتگردن سان ڳالهين حمايت ڪري رهي آهي، سالن کان سندن فوج ۽ عوام جو رت وهايو پيو وڃي. خواجا آصف چيو ته افغان حڪومت سان سالن تي ٻڌل ڳالهين ۽ وفدن جي ڪابل اچڻ وڃڻ باوجود پاڪستان ۾ رتوڇاڻ بند ناهي ٿي سگهي، روزاني فوجي جوانن جا جنازا کڄي رهيا آهن. هن چيو ته  60 لک افغان پناهگيرن جي 60 سالن جي مهمان نوازري جي قيمت هو پنهنجي رت سان ادا ڪري رهيا آهن. بچاءَ واري وزير چيو ته وقت اچي ويو آهي ته افغان مهمان پنهنجي گهرن ڏانهن وڃن ۽ اها مفت بري ۽ محسن ڪشي بند ڪريو. خواجا آصف چيو ته اهي ڪهڙا مهمان آهن جيڪي ميزبانن جو رت وهائيندا آهن ۽ قاتلن کي پناهه ڏيندا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
27 %
1.3kmh
10 %
خميس
24 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون