- Advertisement -
خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 11 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته 17 ۽ 18 ڊسمبر جي وچ واري رات ڪي پي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪيون.
ٽانڪ ضلعي ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 7 دهشٽگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته دتا خيل واري علائقي ۾ به سڪيورٽي فورسز ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج ٽئين ڪارروائي مهمند جي علائقي مامد گٽ ۾ ڪئي، جتي ٻه دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان بارودي مواد ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، دهشتگرد معصوم شهرين ۽ سڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ ملوث هئا، پاڪ فوج دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي- Advertisement -
