- Advertisement -
خيبرپختونخوا حڪومت بنون واقعي جي شفاف جاچ لاءِ ڪميشن ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور بنون ۾ جاري ڇڪتاڻ جو سخت نوٽيس وٺندي ڪميشن جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڪميشن صاف ۽ شفاف جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪندي.
جاري ڪيل بيان ۾ ڪي پي جي اطلاعات سيڪريٽري بئريسٽر سيف چيو ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور بنون ۾ جاري صورتحال جو نوٽيس ورتو.
سندس چوڻ هو ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير بنون واقعي جي شفاف جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جو به اعلان ڪيو آهي.
ڪي پي جي اطلاعات سيڪريٽري بئريسٽر سيف چيو ته ڪميشن شفاف ۽ اڻڌري جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪندي، ڪميشن جي رپورٽ ۾ ذميوارن جي نشاندهي ٿي ويندي، رپورٽ کي پبلڪ ڪيو ويندو ۽ ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
هن چيو ته حساس هنڌن تي سڪيورٽي هاءِ الرٽ رهندي آهي، آپگهاتي حملي ۾ فوجي جوان ۽ شهري شهيد ٿيا، هن هنڌ جي حساس نوعيت به ڪالهه واري اڻوڻندڙ واقعي جو هڪ سبب بڻي، موجوده دهشتگردي جي لهر کي نظر ۾ رکندي عوام کي انتهائي احتياط کان ڪم وٺڻ جي درخواست آهي.
ڪي پي جي اطلاعات سيڪريٽري بئريسٽر سيف چيو ته پاڪستان ۽ عوام دشمن عنصر حالتون خراب ڪرڻ تي ويٺا آهن، ملڪ دشمن عنصرن کي امن خراب ڪرڻ جو موقعو نه ڏيڻ گهرجي- Advertisement -
