- Advertisement -
خيبرپختونخوا ۾ سڪيورٽي فورسز جي ٻن ڌار ڌار ڪاررواين ۾ دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته 3 ۽ 4 نومبر جي وچ واري رات سڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي دو سالي ۾ ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي آپريشن ڪيو.
آپريشن دوران هڪ دهشتگرد احمد شاهه عرف انتظار دوزخ ڀيڙو ٿي ويو.
آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز ڏکڻ وزيرستان جي ضلعي کمرنگ ۾ ٻي ڪارروائي ڪندي افغانستان مان پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب ڪارروائي دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان مستقل طور تي عبوري افغان حڪومت کي چوندو رهيو آهي ته سرحد تي اثرائتي بارڊر مينيجمينٽ کي يقيني بڻائي، اميد ته عبوري افغان حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته افغان عبوري حڪومت دهشتگرد ڪاررواين لاءِ پنهنجي ڌرتي استعمال ٿيڻ کان روڪي، سڪيورٽي فورسز سرحدن کي محفوظ بڻائڻ ۽ دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن……….- Advertisement -
