- Advertisement -
خيبرپختونخوا ۾ سڪيورٽي فورسز جي ٻن ڪاررواين ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته ڏکڻ وزيرستان جي علائقي سرا روغه ۾ سڪيورٽي فورسز ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي ڪارروائي ڪئي.
ڪارروائي دوران 2 خارجي مارجي ويا، جن ۾ خان محمد عرف خوري به شامل هو، جڏهن ته ٻن دهشتگردن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب خان محمد عرف خوري علائقي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتي خوري ۾ ملوث هو، مارجي ويل دهشتگردتي 10 لک رپيا انعام رکيل هو.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ٻي ڪارروائي لڪي مروت جي علائقي ۾ ڪئي وئي، جنهن دوران سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ ڏي وٺ ٿي.
آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا.
علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي امڪان سبب ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو، پاڪ فوج وطن ۾ دهشتگردي جي لعنت ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.- Advertisement -
