خيبر ضلعي جي وادي تيراهه  ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن دوران ليفٽيننٽ ڪنرل سميت پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد ٿي ويا

- Advertisement -
خيبر ضلعي جي وادي تيراهه  ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن دوران ليفٽيننٽ ڪنرل سميت پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد ٿي ويا، سڪيورٽي فورسز جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد ماريا ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي خيبر ضلعي جي تيراهه واديءَ ۾ آپريشن ڪيو. آپريشن دوران دهشتگردن جي فائرنگ  ۾ لفيٽيننٽ ڪرنل سميت 4 جوان شهيد ٿي ويا. شهيدن ۾ 43 ورهين جو ليفٽيننٽ ڪنرل حسن حيدر، 31 ورهين جو نائڪ خوشدل، 33 ورهين جو لانس نائڪ عبدالقادر ۽ 27 ورهين جو لانس نائڪ رفيق خان شامل آهن. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگرديءَ جي امڪاني موجوده جي خدشي سبب علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب خيبر ۾ شهيد ٿيل چئني جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. پاڪ فوج جي ترجمان موجب پشاور گيريزن ۾ ادا ڪيل جنازي نماز ۾ ڪور ڪمانڊر پشاور سميت فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب شهيدن جا مڙهه اباڻن علائقن ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويندا….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
18%
2.1m/s
0%
ڇنڇر
28 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون