خيبر ضلعي جي وادي تيراهه  ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن دوران ليفٽيننٽ ڪنرل سميت پاڪ فوج جا 4 جوان شهيدr

- Advertisement -
خيبر ضلعي جي وادي تيراهه  ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن دوران ليفٽيننٽ ڪنرل سميت پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد ٿي ويا، سڪيورٽي فورسز جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد ماريا ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي خيبر ضلعي جي تيراهه واديءَ ۾ آپريشن ڪيو. آپريشن دوران دهشتگردن جي فائرنگ  ۾ لفيٽيننٽ ڪرنل سميت 4 جوان شهيد ٿي ويا. شهيدن ۾ 43 ورهين جو ليفٽيننٽ ڪنرل حسن حيدر، 31 ورهين جو نائڪ خوشدل، 33 ورهين جو لانس نائڪ عبدالقادر ۽ 27 ورهين جو لانس نائڪ رفيق خان شامل آهن. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگرديءَ جي امڪاني موجوده جي خدشي سبب علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پاڪ فوج دهشتگردي جي لعنت کي پاڙان پٽڻ لاءِ پرعزم آهي، جوانن جون قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
8 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
18%
2.1m/s
0%
ڇنڇر
28 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون