تازه ترين

خيبر ضلعي ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا ۽ پاڪ فوج جا 3 جوان شهيد

- Advertisement -
خيبر ضلعي ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا ۽ پاڪ فوج جا 3 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز خيبر ضلعي تيراهه وادي ۾ ٽن هنڌن تي ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي آپريشن ڪيا. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ٽن جوانن بهادريءَ سان وڙهندي شهادت ماڻي. آءِ ايس پي آر موجب شهيدن ۾ حوالدار انعام گل، سپاهي محمد عمران ۽ سپاهي الطاف خان شامل آهن، انعام گل جو تعلق ميانوالي سان آهي، جڏهن ته 39 ورهين جو سپاهي محمد عمران جو تعلق ٽانڪ ضلعي ۽ 22 ورهين جي سپاهي الطاف خان جو تعلق مردان سان آهي. آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي خدشي سبب  ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو، پاڪ فوج ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.5 ° C
25.5 °
25.5 °
42 %
2.2kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون