تازه ترين

خيرپور پوليس جو مبينا مقابلو، هڪ ڏوهاري مارڻ جي دعوى

- Advertisement -
خيرپور پوليس مقابلي دوران هڪ ڏوهاريءَ کي ماري سندس قبضي مان پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي. ترجمان ايس ايس پي آفيس خيرپور موجب، اي سيڪشن ٿاڻي جي حد رائنا لنڪ روڊ تي ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ هڪ ڄڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو جڏهن ته ٻه ڄڻا فرار ٿي ويا. پوليس ترجمان موجب، زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار کي طبي امداد لاءِ خيرپور اسپتال آندو ويو جتي هن زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو. خيرپور پوليس ترجمان موجب، مارجي ويل ڏوهاريءَ جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگھي، سندس قبضي مان پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون. پوليس ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته مارجي ويل ڏوهاري جو ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪرڻ سان گڏ سڃاڻپ عمل جاري آهي جڏهن ته فرار جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ ناڪابندي ڪئي وئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.5 ° C
28.5 °
28.5 °
21 %
2.8kmh
1 %
سُومر
27 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون