- Advertisement -
دادو ۾ شاهاڻي برادري ۾ زمين جي تڪرار تان عورت سميت وڌيڪ 2 ڄڻا قتل ٿيڻ بعد مارجي ويلن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو.
آچر ڏينهن شاهاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ رٽائرڊ پوليس جمعدار مظهر شاهاڻي قتل ۽ نواز شاهاڻي زخمي ٿي پيو هو.
هڪ ڄڻي جي مارجڻ بعد ڌرين ۾ جديد هٿيارن سان فائرنگ جي نتيجي ۾ عزت خاتون ۽ صابر شاهاڻي قتل ٿي ويا آهن، جنهن بعد مارجي ويلن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو.
مظهر شاهاڻي ۽ عطا محمد شاهاڻي جي ڌرين ۾ هلندڙ زميني تڪرار تان هن وقت تائين چار ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن.
ڌرين ۾ جديد هٿيارن سان فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو ۽ ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا.- Advertisement -
