دادو ۾ پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
ايس ايس پي دادو جو چوڻ آهي ته رات دير سان پوليس جي گشتي موبائل تي هٿياربندن پاران فائرنگ ڪئي وئي، جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري وحيد ڪنڀر کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندس ٻه ساٿي فرار ٿي ويا.
ايس ايس پي جو وڌيڪ چوڻ هو ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري مٿان ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي ڦر، چوري، منشيات ۽ پوليس مقابلن سميت 19 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن.
ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري گذريل 12 سالن کان ڪيترائي ڀيرا جيل وڃي چڪو آهي .
