- Advertisement -
پاڪستاني ڊرامه انڊسٽري جي مشهور اداڪاره درِفشان سليم، اداڪار علي گل ملاح جي تنقيد کي سنجيده وٺندي پنهنجو وزن گهٽ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
درِفشان سليم پنهنجي آفيشل انسٽاگرام جي اسٽوري ۾ پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ هو جِم ۾ موجود ۽ وزن گهٽائڻ جي مشق ڪندي نظر اچي ٿي.
اداڪاره اها تصوير وزن وڌڻ واري تنقيد بعد انسٽا گرام تي شيئر ڪئي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته درفشان سليم سنجيدگي سان پنهنجو وزن گهٽائي رهي آهي.
ٻي پاسي سوشل ميڊيا تي درِفشان سليم جِم واري تصوير وائرل ٿيندي ئي مداحن چيو آهي ته وڌيڪ وزن باوجود درِفشان سليم وڌيڪ خوبصورت لڳندي آهي.- Advertisement -
