- Advertisement -
دولتپور صفن ۾ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار محمد اسماعيل ڏاهري جي بنگلي ۽ سندس ڀائٽي جي گهر تي پوليس چڙهائي ڪري ٻن ملازمن کي گرفتار ڪري وئي.
محمد اسماعيل ڏاهري جي ڀاءُ محمد ابراهيم ڏاهري جو چوڻ آهي ته رات دير سان سندس ڀاءُ اسماعيل ڏاهري جي بنگلي ۽ ڀائٽي سليمان ڏاهري جي گهر تي پوليس چڙهائي ڪئي.
هن چيو ته پوليس اٽالن گهر تي چڙهائي ڪري گهر ڌڻين کي دڙڪا دهمان ڪري گهر جي الماڙين ۾ پيل 20 لک رپيا روڪ رقم، سونيون منڊيون، لاڪيٽ، هار، گهڙيون ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي ويا.
هن چيو اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪري ڪوڙا ڪيس ختم ڪرائي انتقامي ڪارروايون بند ڪيون وڃن.- Advertisement -
