- Advertisement -
ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته راولپنڊي جي ڪمشنر لياقت چٺا جو گذريل اٺن ڏينهن جو رڪارڊ ڪڍرائي معاملي جي مڪمل جاچ ڪرائي وڃي.
ماڊل ٽائون ۾ عطا تارڙ ۽ عظميٰ بخاري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته ڪمشنر جو بيان ڪوڙ تي ٻڌل آهي، اوچتو اٺن ڏينهن کانپوءِ کيس بيان ڏيڻ جو خيال آيو، هو چوي ٿو ته هڪ تڪ کانسواءِ ٻين سمورن تڪن تي ڌانڌلي ٿي آهي، جنهن تڪ تي ڌانڌلي ناهي ٿي اتي پي ٽي آءِ جو آزاد اميدوار کٽيو آهي.
هن چيو ته ڪمشنر چوي ٿو ته 50 هزار جي ليڊ سان اميدوارن کي کٽرايو ويو، پر ڪنهن به تڪ تي ڪو به اميدوار 50 هزار جي ليڊ سان ناهي کٽيو.
مريم اورنگزيب چيو ته راولپنڊي جي ڪمشنر چيف جسٽس ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر تي سڌيءَ ريت الزام لڳايو.
هن چيو ته راولپنڊي جي ڪمشنر جو اٺن ڏينهن جو رڪارڊ ڪڍرايو، ان جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي، الزام مڙهي مونجهارا پيدا ڪرڻ وارو زمانو ختم ٿي ويو آهي.
مريم اورنگزيب چيو ته هر ڏينهن مداري بيهي ٿا ۽ الزام مڙهڻ شروع ڪن ٿا.- Advertisement -
