راولپنڊي جي ڪمشنر لياقت چٺا جو گذريل اٺن ڏينهن جو رڪارڊ ڪڍرائي معاملي جي مڪمل جاچ ڪرائي وڃي: مريم اورنگزيب

- Advertisement -
ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته راولپنڊي جي ڪمشنر لياقت چٺا جو گذريل اٺن ڏينهن جو رڪارڊ ڪڍرائي معاملي جي مڪمل جاچ ڪرائي وڃي. ماڊل ٽائون ۾ عطا تارڙ ۽ عظميٰ بخاري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته ڪمشنر جو بيان ڪوڙ تي ٻڌل آهي، اوچتو اٺن ڏينهن کانپوءِ کيس بيان ڏيڻ جو خيال آيو، هو چوي ٿو ته هڪ تڪ کانسواءِ  ٻين سمورن تڪن تي ڌانڌلي ٿي آهي، جنهن تڪ تي ڌانڌلي ناهي ٿي اتي پي ٽي آءِ جو آزاد اميدوار کٽيو آهي. هن چيو ته ڪمشنر چوي ٿو ته 50 هزار جي ليڊ سان اميدوارن کي کٽرايو ويو، پر ڪنهن به تڪ تي ڪو به اميدوار 50 هزار جي ليڊ سان ناهي کٽيو. مريم اورنگزيب چيو ته راولپنڊي جي ڪمشنر چيف جسٽس ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر تي سڌيءَ ريت الزام لڳايو. هن چيو ته راولپنڊي جي ڪمشنر جو اٺن ڏينهن جو رڪارڊ ڪڍرايو، ان جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي، الزام مڙهي مونجهارا پيدا ڪرڻ وارو زمانو ختم ٿي ويو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته هر ڏينهن مداري بيهي ٿا ۽ الزام مڙهڻ شروع ڪن ٿا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
13 ° C
13 °
13 °
34%
2.2m/s
52%
اربع
13 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون