تازه ترين

راڻيپور ۾ ڳوٺاڻن طرفان جميل رضا ڄامڙو جي قاتلن جي گرفتاريءَ ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

- Advertisement -
راڻيپور ۾ ڳوٺاڻن طرفان جميل رضا ڄامڙو جي قاتلن جي گرفتاريءَ ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ايڊووڪيٽ آصف ڄامڙو، غلام قادر، شفيع محمد ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽي مهينا اڳ ڳوٺ گل محمد ڄامڙي ۾ گھر تي حملي ۾ جميل رضا ڄامڙو قتل ۽ سندس والد غلام قادر زخمي ٿي پيو هو. هنن چيو ته ڪيس برادري جي ماڻهن مٿان داخل ڪيو ويو هو جيڪي ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ حملا ڪري رهيا آهن. سندن چوڻ هو ته جوابدارن اڄ گھر کان نڪرڻ وقت فريادي غلام قادر مٿان حملو ڪيو جڏهن ته ماڻهن جي پهچڻ تي جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. احتجاج ڪندڙن الزام هڻندي چيو ته ايس ايڇ او راڻيپور کي اطلاع ڏنو پر هو نه پهتو ۽ هاڻي ڪيس به داخل نٿو ڪيو وڃي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وجي………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.5 ° C
28.5 °
28.5 °
21 %
2.8kmh
1 %
سُومر
27 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون