تازه ترين
راڻا ثناءُ الله فيصل آباد ۾ شهيد حوالدار محمد نويد انصاري جي گهر پهچي سندس گهرڀاتين سان ملاقات نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفون تي رابطو سنڌ سميت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم رهڻ جو امڪان امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي

روس جي سڪيورٽي سروسز ڪيميائي ۽ حياتياتي تحفظ واري فورس جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل اِگور ڪريلوف جي بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو

- Advertisement -
روس، بم ڌماڪي ۾ جنرل جي مارجڻ واري واقعي ۾ ملوث هڪ اُزبڪ نوجوان کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي. روس جي سڪيورٽي سروسز ڪيميائي ۽ حياتياتي تحفظ واري فورس جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل اِگور ڪريلوف جي بم ڌماڪي ۾ مارجڻ واري واقعي بعد جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته 29 سالن جي هڪ ازبڪ نوجوان کي گرفتار ڪيو ويو آهي. بيان ۾ گرفتار جوابدار جو نالو نه ظاهر ڪيو ويو آهي پر وڌيڪ چيو ويو آهي ته شڪي جوابدارکي يوڪرين جي انٽيليجنس اداري ڀرتي ڪيو هو، جنهن جو اعتراف هن جاچ دوران ڪيو هو. روسي فورسز پاران جوابدار جو هڪ وڊيو بيان پڻ جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته ڪارروائيءَ جي بدلي ۾ کيس هڪ لک ڊالر ۽ يورپي يونين ۾ مستقل رهائش جي آڇ ڪئي وئي هئي. روسي فورسز جي بيان موجب يوڪريني اختيارين جي هدايتن تي ئي جوابدار ماسڪو پهتو ۽ کيس هٿ جو ٺاهيل ڌماڪي وارو ڊوائس فراهم ڪيو ويو، جيڪو هن اسڪوٽر ۾ لڳائي ان کي جنرل جي گهر ٻاهران بيهاري ڇڏيو. روس جي تابڪاري، ڪيميائي ۽ حياتياتي تحفظ واري فورس جو سربراهه ليفٽيننٽ جنرل اِگور ڪريلوف اڱاري ڏينهن هڪ ڌماڪي ۾ مارجي ويو هو. جنرل جي گهر ٻاهران ٿيل ان ڌماڪي ۾ ڌماڪيدار مادو هڪ اسڪوٽر ۾ رکيو ويو، جيڪو ريموٽ ڪنٽرول ذريعي ڦاڙيو ويو. بم ڌماڪي جي ذميواري يوڪرين جي سڪيورٽي سروس قبولي هئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
16.6 ° C
16.6 °
16.6 °
45 %
2kmh
0 %
اڱارو
26 °
اربع
30 °
خميس
31 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون