- Advertisement -
شامي صدر بشارالاسد ڪٽنب سميت روس ۾ سياسي پناهي وٺي ڇڏي، روس شام جي صورتحال تي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سندن چوڻ آهي ته بشارالاسد اقتدار جي پرامن منتقلي جا حڪم ڏئي عهدي تان هٿ کنيو، شام ۾ روس جا فوجي اڏا محفوظ آهن.
روسي ميڊيا ڪريملن ذريعن جو حوالو ڏيندي چيو ته شام جو صدر بشار الاسد ۽ سندس ڪٽنب روس ۾ آهي، ان کان اڳ بشارالاسد جي جهاز حادثي ۾ فوت ٿيڻ جون خبرون سامهون اچي رهيون هيون.
شامي اپوزيشن فورسز مختلف شهرن کانپوءِ راڄڌاني دمشق تي به ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو ۽ صدر بشار الاسد ملڪ مان فرار ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب شام جي راڄڌاني دمشق ۾ باغين جي داخل ٿيڻ کان اڳ بشار الاسد جهاز ۾ اڻڄاتل هنڌ روانو ٿي ويو هو.
آمريڪي اخبار نيو يارڪ ٽائمز پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته بشار الاسد 8 ڊسمبر جي صبح جو دمشق مان فرار ٿي ويو آهي پر سندس لوڪيشن بابت ڪجهه به معلوم نه ٿي سگهيو هو.
بشار الاسد جي جهاز جي موجود ٻن منٽن جي ريڊار ڊيٽا موجب اڳوڻي شامي صدر جي جهاز کي مسلسل 8 هزار 725 فٽن جي بلندي تان هيٺ لهندو ڏٺو ويو، جهاز جي رفتار 819 ڪلوميٽر في ڪلاڪ کان 159 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رڪارڊ ڪئي وئي ۽ پوءِ اها رفتار 64 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين پهچي وئي.
آخر ۾ بشارالاسد جي جهاز حادثي جون سموريون خبرون افواهون ثابت ٿيون ۽ هو پنهنجي خاندان سميت روس پهچي ويو.
روس شام جي صورتحال تي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سندن چوڻ آهي ته بشارالاسد اقتدار جي پرامن منتقلي جا حڪم ڏئي عهدي تان هٿ کنيو، شام ۾ روس جا فوجي اڏا محفوظ آهن……..- Advertisement -
