تازه ترين

سائفر ڪيس جي ٻڌڻي پي ٽي آءِ وڪيلن جي اعتراضن سبب 9 آڪٽوبر تائين ملتوي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي خلاف سائفر ڪيس جي ٻڌڻي پي ٽي آءِ وڪيلن جي اعتراضن سبب 9 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم عدالت ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي خلاف سائفر ڪيس جي مجموعي طوت چوٿين ۽ اڊيالا جيل ۾ پهرين ٻڌڻي ٿي.

سائفر ڪيس جي ٻڌڻي اسپيشل سيڪريٽ عدالت جي جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين ڪئي.

اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جا وڪيل پيش ٿيا.

ايف آءِ اي جي ٽيم ۽ اسپيشل پراسيڪيوٽر ذوالفقار عباسي به اڊيالا جيل ۾ پيش ٿيا جڏهن ته تحريڪ انصاف چيئرمين کي به  عدالت جي ڪمري ۾ پيش ڪيو ويو.

ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ اڊيالا جيل ٻاهران اضافي پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا ۽ رڳو 12 وڪيلن کي اڊيالا جيل ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي.

ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي وڪيلن اعتراض اٿاريو ته سائفر ڪيس جي ان ڪيمرا ٻڌڻي جي فيصلي کي اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو آهي، انڪري اسلام آباد هائيڪورٽ جو فيصلو اچڻ تائين هو ايف آءِ اي جي چالان جون ڪاپيون وصول نه ڪندا.

پي ٽي آءِ جي وڪيلن جي اعتراضن سبب عدالت اڊيالا جيل ۾ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي بابت ڪيس جي ٻڌڻي 9 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ان کان اڳ سائفرس ڪيس جون 3 ٻڌڻيون اٽڪ جيل ۾ ٿي چڪيون آهن، ايف آءِ اي سائفرس ڪيس جو چالان آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت ۾ جمع ڪرايو آهي ۽ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي 10 آڪٽوبر تائين جوڊيشل رمانڊ تي آهن.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.6 ° C
29.6 °
29.6 °
17 %
1.8kmh
2 %
آچر
33 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون