- Advertisement -
مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر شاهه چيو آهي ته ستاويهين آئيني ترميم بابت فيصلو سي اي سي ڪندي، ملڪ يا عوام خلاف ڪنهن به ڳالهه جي حمايت نه ڪئي ويندي، پ پ چيئرمين ڪيتريون ئي آئيني ترميمون ڪرائي چڪوآهي، عدليه ۽ اسيمبلين ۾ نوان صوبائي ٺاهڻ جا نعرا رڳو عوام جو ڌيان هٽائڻ لاءِ لڳي رهيا آهن،پ پ وزارتن جي آڇ باوجود وفاقي سرڪار جو حصو ناهي.
سکر ۾ ايم اين اي نعمان اسلام شيخ سان گڏ بندر روڊ تي ڊرينيج ۽ روڊ جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته چيو ته 27هين ترميم جي بابت فيصلو سي اي سي ڪندي، جيئن اڳ 26هين ترميم بابت ڪيو ويو هو.
هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪيترين ئي ترميمون ڪرايون آهن ۽ ملڪ يا عوام جي خلاف ڪنهن به عمل جو پيپلزپارٽي حصو نه بڻجندي.
سيد ناصر شاهه چيو ته سرائيڪي ۽ ٻين صوبن جي ڳالهه اڳ به اٿاري وئي هئي، پر اها صرف هڪ شوشو هئي. عدالتن ۽ اسيمبلين ۾ جيڪي ٻيا صوبا ٺاهڻ جا نعرا هنيا پيا وڃن، اهي به حقيقت ۾ صرف توجهه هٽائڻ جا طريقا آهن.
صوبائي وزير چيو ته
سکر جا اهم مسئلا حل ٿي چڪا آهن، ڪجهه باقي آهن جيڪي جلد حل ڪيا ويندا.
سيد ناصر حسين شاه چيو ته ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ تمام گهڻو ڪم ڪري رهيو آهي ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سان به منصوبا اڳتي وڌائي رهيو آهي، سکر ۽ ڪراچي ٻنهي ميٽروپوليٽن شهرن ۾ ٽريفڪ جا مسئلا آهن، پر انهن کي به حل ڪيو ويندو……
- Advertisement -
