تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ستاويهين آئيني ترميم بابت فيصلو سي اي سي ڪندي: سيد ناصر شاهه

- Advertisement -
مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر شاهه چيو آهي ته ستاويهين آئيني ترميم بابت فيصلو سي اي سي ڪندي، ملڪ يا عوام خلاف ڪنهن به ڳالهه جي حمايت نه ڪئي ويندي، پ پ چيئرمين ڪيتريون ئي آئيني ترميمون ڪرائي چڪوآهي، عدليه ۽ اسيمبلين ۾ نوان صوبائي ٺاهڻ جا نعرا رڳو عوام جو ڌيان هٽائڻ لاءِ لڳي رهيا آهن،پ پ وزارتن جي آڇ باوجود وفاقي سرڪار جو حصو ناهي. سکر ۾ ايم اين اي نعمان اسلام شيخ سان گڏ بندر روڊ تي ڊرينيج ۽ روڊ جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته چيو ته 27هين ترميم جي بابت فيصلو سي اي سي ڪندي، جيئن اڳ 26هين ترميم بابت ڪيو ويو هو. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪيترين ئي ترميمون ڪرايون آهن ۽ ملڪ يا عوام جي خلاف ڪنهن به عمل جو پيپلزپارٽي حصو نه بڻجندي. سيد ناصر شاهه چيو ته سرائيڪي ۽ ٻين صوبن جي ڳالهه اڳ به اٿاري وئي هئي، پر اها صرف هڪ شوشو هئي. عدالتن ۽ اسيمبلين ۾ جيڪي ٻيا صوبا ٺاهڻ جا نعرا هنيا پيا وڃن، اهي به حقيقت ۾ صرف توجهه هٽائڻ جا طريقا آهن. صوبائي وزير چيو ته سکر جا اهم مسئلا حل ٿي چڪا آهن، ڪجهه باقي آهن جيڪي جلد حل ڪيا ويندا. سيد ناصر حسين شاه چيو ته ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ تمام گهڻو ڪم ڪري رهيو آهي ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سان به منصوبا اڳتي وڌائي رهيو آهي، سکر ۽ ڪراچي ٻنهي ميٽروپوليٽن شهرن ۾ ٽريفڪ جا مسئلا آهن، پر انهن کي به حل ڪيو ويندو……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.5 ° C
19.5 °
19.5 °
41 %
0.7kmh
100 %
ڇنڇر
19 °
آچر
23 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون