تازه ترين

سنڌ هاءِ ڪورٽ غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي جي گرفتاري جائز قرار ڏيندي مئجسٽريٽ عدالت جو کين آزاد ڪرڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي جي گرفتاري جائز قرار ڏيندي مئجسٽريٽ عدالت جو کين آزاد ڪرڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سي ٽي ڊي پوليس مئجسٽريٽ جي قومپرست اڳواڻن غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي کي آزاد ڪرڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪيو. ڪيس جي ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر جنرل جو چوڻ هو ته مئجسٽريٽ کي سيڪشن 63 استعمال ڪرڻ جو اختيار ناهي، لاهور هاءِ ڪورٽ جو مئجسٽريٽ جي اختيارن بابت فيصلو موجود آهي. سندس چوڻ هو ته کين اجازت ڏني وڃي ته اهي جوابدارن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪري سگهن. وڪيل صفائي عامر نواز وڙائچ جو چوڻ هو ته مئجسٽريٽ پنهنجا اختيار استعمال ڪندي جوابدارن جي آزادي جو حڪم ڏنو، لنڪ مئجسٽريٽ ۽ ڊيوٽي مئجسٽريٽ کي ساڳيا اختيار هوندا آهن، مئجسٽريش کي سيڪشن 63 استعمال ڪرڻ جو اختيار آهي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا لنڪ جج وٽ اي ٽي سي انتظامي جج جي عدالت جا اختيار پڻ هوندا آهن، مئجسٽريٽ لاءِ ڊسچارج ڪرڻ جو اختيار ڪٿي آهي، مهرباني ڪري عدالت کي وضاحت ڪريو. وڪيل صفائي عامر نواز وڙائچ جو چوڻ هو ته 2008ع جو هڪ فيصلو آهي جنهن ۾ ايريا مئجسٽريٽ جوابدارن کي ڊسچارج ڪري سگهي ٿو. عدالت جو چوڻ هو ته اسان کي صرف اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته ڇا راهداري رمانڊ اچڻ تي مئجسٽريٽ سيڪشن 63 استعمال ڪري سگهي ٿو يا نه؟ عدالت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪندي ڪجهه دير بعد فيصلو ٻڌائيندي غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي جي گرفتاري جائز قرار ڏئي ڇڏيو، مئجسٽريٽ عدالت جو کين آزاد ڪرڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو ويو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻنهي ڄڻن غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي کي جيل منتقل ڪرڻ ۽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت طرفان ٻنهي جو رمانڊ وٺي پنجن ڏينهن ۾ اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
8.7 ° C
8.7 °
8.7 °
18 %
2.3kmh
21 %
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °
آچر
20 °
سُومر
19 °
اڱارو
17 °

تازه ترين خبرون