تازه ترين

سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان قومپرست ڪارڪن غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي کي آزاد نه ڪرڻ خلاف درخواست تي نوٽيس وٺندي ڌرين کان 10 نومبر تي جواب طلب ڪري ورتو

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان قومپرست ڪارڪن غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي کي آزاد نه ڪرڻ خلاف درخواست تي نوٽيس وٺندي ڌرين کان 10 نومبر تي جواب طلب ڪري ورتو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ قومپرست اڳواڻن غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي کي عدالتي حڪم باوجود آزاد نه ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي. وڪيلن جو چوڻ هو ته جوڊيشل مئجسٽريٽ اولهه جي عدالت غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي جي گرفتاري کي غيرقانوني قرار ڏيندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وڪيلن جو چوڻ هو ته عدالتي حڪم باوجود سي ٽي ڊي طرفان ٻنهي نوجوانن کي آزاد نه ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته جوڊيشل مئجسٽريٽ غلط حڪم ڏنو آهي. قومپرست ڪارڪن غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي کي آزاد نه ڪرڻ خلاف درخواست تي نوٽيس وٺندي ڌرين کان 10 نومبر تي جواب طلب ڪري ورتو. وڪيلن جو چوڻ هو ته ٻنهي نوجوانن جي جان کي خطرو آهي کين تحفظ جو حڪم جاري ڪيو وڃي ۽ اها خبر ناهي ته اهي ٻئي ڪٿي آهن. عدالت جو چوڻ هو ته هنن وٽ گم ٿيلن بابت ڪيس هو جنهن تي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، تحفظ لاءِ سيشن ڪورٽ جي سيڪشن 22 اي تحت تحفظ جي درخواست داخل ڪري سگهو ٿا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
8 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
few clouds
25.9 ° C
25.9 °
25.9 °
40 %
1.4kmh
21 %
اڱارو
29 °
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون