تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سرهاڙي ويجهو هزاره ايڪسپريس حادثي کي پنج ڏينهن گذرڻ باوجود ٽرين جو ملبو حادثي واري هنڌ پيل

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سرهاڙي ويجهو هزاره ايڪسپريس حادثي کي پنج ڏينهن گذرڻ باوجود ٽرين جو ملبو حادثي واري هنڌ پيل آهي ۽ ٽرينون 5 ڪلو ميٽر جي رفتار سان گذري رهيون آهن.

آچر ڏينهن ڪراچي کان حويليان ويندڙ هزارا ايڪسپريس جون 10 بوگيون پٽڙي تان لهڻ سبب 30 مسافر فوت ۽ هڪ سئو کان ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا.

ٽرين حادثي بعد سڀ کان پھرين مقامي ماڻھن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ٻاھر ڪڍندا رھيا ۽ بچي ويل مسافرن لاءِ ذاتي خرچ ڪري کاڌ خوراڪ جون شيون پھچايون.

سرهاڙي واسين ڪيترن ئي مسافرن کي پنهنجي گاڏين ذريعي منزل تي پهچايو جڏهن ته واقعي واري جاءِ تي سرڪاري عملدار ۽ ٻيو ٽيمون ڪيترائي ڪلاڪ دير سان پهتا.

حادثي واري جاءِ تي فوج ۽ رينجرز ايمبولينسز سان گڏ پهتيون.

ريلوي واري وزير به سرهاڙي واسين جي همت ۽ جذبي کي ساراهيو حادثي بعد 35 ڪلاڪن بعد اپ ٽريڪ کي بحال ڪيو ويو.

5 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود اپ ٽريڪ جو مرمتي ڪم سست رفتاري سان جاري آهي جڏهن ته هزاره ايڪسپريس جون پٽڙي تان لٿل بوگيون حادثي واري هنڌ ٽڙيل پکڙيل آهن  ۽ حادثي واري هنڌ ٽرينون 5 ڪلوميٽرن جي رفتار سان گذري رهيون آهن.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
17.8 ° C
17.8 °
17.8 °
43 %
2kmh
73 %
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون