سرهاڙي ۾ رولو ڪتن چئن ٻارڙن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
سرهاڙي ۾ رولو ڪتن چئن ٻارڙن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، رورل هيلٿ سينٽر ۾ ويڪسين نه ملڻ خلاف زخمي ٻارڙن جي وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. وارڊ نمبر ٻه ۾ رولو ڪتن ٻارڙن آڪاش جهندڙو، عباس ملاح، راجڪمار ۽ وراج ڪمار کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو. وارثن ٻارڙن کي کڻائي رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو، جتي انتظاميا ويڪسين نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي زخمي ٻارڙن کي واپس موڪلي ڇڏيو. وارثن پاران ويڪسين نه ملڻ تي اسپتال انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين چيو ته رورل هيلٿ سينٽر ۾ نه ڊاڪٽر آهي ۽ نه وري ويڪسين، رڳو سفارشي ماڻهن جو علاج ڪيو پيو وڃي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسپتال انتظاميا خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃِي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.7 ° C
19.7 °
19.7 °
21%
3.5m/s
1%
اربع
20 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون