تازه ترين

سعودي عرب شهر ۾ ثقافتي تقريب، سنڌي ثقافتي رنگ نروار

- Advertisement -
سعودي عرب ۾ به ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهايو پيو وڃي، دمام شهر ۾ ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سنڌي فنڪارن قومي گيت ڳائي شرڪت ڪندڙن کي جهومائي ڇڏيو. پاڪستان ايڪسيلنس ڪلب جي چيئرمين عبدالحميد ڀٽو ۽ سنڌ فنڪار ايسوسيئيشن انڊس ڪلچر اينڊ سوشل فورم رياض جي اڳواڻ ذيشان قاضي، قربان لاشاري، بدر جويو، ذوالفقار ابڙو ۽ زاهد ميان ڀٽو جي اڳواڻي ۾ تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ سنڌ جي مشهور فنڪارن قومي نجف علي، انينا فدا ۽ نعيم سنڌي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري قومي گيت ڳائي شرڪت ڪندڙن کي جهومائي ڇڏيو. تقريب کي خطاب ڪندي ذيشان قاضي ۽ زاهد ميان ڀٽو چيو ته هر سال جيان هن سال به سعودي عرب ۾ رهندڙ سنڌي قومي عيد جذبي سان ملهائي رهيا آهن ۽ پنهنجي ثقافت کي دنيا جي قومن کي ڏيکارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
34.2 ° C
34.2 °
34.2 °
3 %
9.4kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
37 °
جمعو
35 °

تازه ترين خبرون