تازه ترين

سعودي عرب پاران انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي جي آجيان

- Advertisement -
سعودي عرب فلسطينين جي نسل ڪشي بابت  انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. سعودي پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته فلسطينين جي اجتماعي نسل ڪشي بابت گڏيل قومن جي معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ قابض اسرائيلي اختيارين جي ڪارروائين کي مڪمل طور تي رد ڪيون ٿا. سعودي پرڏيهي آفيس موجب انصاف جي عالمي عدالت جي ابتدائي فيصلي جو مقصد يرغمال بڻيل غزه پٽي ۾ فلسطيني عوام جي اجتماعي نسل ڪشي جي بيانن ۽ ڪاررواين کي روڪڻ آهي. سعودي عرب غزه جي پٽي ۾ اسرائيلي اختيارين جي مسلسل ڀڃڪڙين خلاف دعويٰ داخل ڪرڻ تي ڏکڻ آفريڪا جي ڪوششن کي واکاڻ ڪندي چيو ته عالمي برادري غزه ۾ جنگ بند ڪرائي. سعودي پرڏيهي آفيس موجب فلسطيني عوام جي تحفظ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا وڃن ۽ قابض اسرائيلي فوجن کي عالمي قانونن جي سمورن ڀڃڪڙين جو ذميوار قرار ڏنو وڃي. واضح  رهي ته انصاف جي عالمي عدالت ڏکڻ آفريڪا جي اسرائيل خلاف درخواست تي عبوري حڪم جاري ڪندي جنگ متاثر غزه جي شهرين لاءِ هنگامي قدم کڻڻ جو چيو هو، عدالت جنگ بندي جو حڪم ناهي ڏنو………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
10 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
few clouds
29.8 ° C
29.8 °
29.8 °
31 %
2.2kmh
21 %
جمعو
32 °
ڇنڇر
29 °
آچر
30 °
سُومر
32 °
اڱارو
29 °

تازه ترين خبرون