سعودي عرب پاران فلسطيني رياست جي قيام تائين اسرائيل سان لاڳاپا قائم نه ڪرڻ جو اعلان

spot_img
سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان چيو آهي ته فلسطيني رياست جي قيام تائين اسرائيل سان لاڳاپا قائم نه ڪندا. رياض مان عرب ميڊيا موجب محمد  بن سلمان سعودي مجلس شورى جي سالياني اجلاس کي پنهنجي والد خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز طرفان خطاب ڪيو. شهزادي محمد بن سلمان جو چوڻ هو ته هو فلسطيني قوم خلاف اسرائيل جي سنگين حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا، فلسطين مسئلو سعودي عرب جي اولين ترجيح آهي. سعودي ولي عهد چيو ته هو فلسطيني رياست کي تسليم ڪندڙ ملڪن جا ٿورائتا آهن، سعودي عرب فلسطيني رياست جي قيام جي ڪوشش لاءِ دڳ کولي پيو.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10.6 ° C
10.6 °
10.6 °
26%
1.6m/s
0%
ڇنڇر
12 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
17 °
اربع
17 °

تازه ترين خبرون