تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سعودي ولي عهد محمد بن سلمان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات

- Advertisement -
سعودي عرب، آمريڪا ۾ هڪ کرب ڊالر تائين وڌائڻ جو اعلان ڪيو آهي. سعودي ولي عهد محمد بن سلمان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات لاءِ وائٽ هائوس پهتو. وائيٽ هائوس پهچڻ تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي ولي عهد جي آجيان ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن ۽ سيڙپڪاري بابت ڳالهيون ڪيون ووين. ملاقات بعد سعودي ولي عهد سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر چيو ته آمريڪا ايران جي ائٽمي صلاحيت ختم ڪرڻ ۾ بهترين ڪم ڪيو، اهو ڪم ڪو ٻيو نه ڪري سگه ها. هن چيو ته سعودي عرب عظيم ڀائيوار آهي، هو دفاعي معاهدي تي پهچي ويا آهن، سعودي عرب ايف ٿرٽي فائيو ويڙهاڪ جهاز خريد ڪندو، اسرائيل ۽ سعودي عرب کي ايف ٿرٽي فائيو جهازن واري لائن ۾ اڳتي اچڻ گهرجي، ابراهيمي معاهدي تي به ڳالهيون ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي محمد بن سلمان چيو ته هو آمريڪا ۾ 600 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري وڌائي هڪ کرب ڊالر ڪندا. هڪ سوال جي جواب ۾ محمد بن سلمان چيو ته هو آمريڪا يا صدر ٽرمپ کي خوش ڪرڻ لاءِ جعلي موقعا نه پيا ٺاهن، اهي حقيقي موقعا آهن، ايَ آءِ جي ميدان ۾ سعودي عرب کي ڪمپيوٽنگ پاور جي ضرورت آهي، آمريڪا سان معاهدو سعودي عرب جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ حقيقي موقعا فراهم ڪندو. سعودي ولي عهد چيو ته هو فلسطين ۽ اسرائيل لاءِ امن ۽ ابراهيمي معاهدي جو حصو بڻجڻ چاهن ٿا، معاهدي جو حصو بڻجڻ سان گڏ ٻه رياستي حل جو رستو به محفوظ بڻائڻ جي خواهش آهي. محمد بن سلمان چيو ته ايراني معاهدي لاءِ هو بهترين ڪم ڪندا، ايران ائٽمي معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو…………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.7 ° C
17.7 °
17.7 °
51 %
1.4kmh
100 %
آچر
23 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون