تازه ترين

سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ايندڙ هفتي امريڪا جو دورو ڪندو جتي سندس ملاقات صدر ٽرمپ سان ٿيندي

- Advertisement -
سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ايندڙ هفتي امريڪا جو دورو ڪندو جتي سندس ملاقات صدر ٽرمپ سان ٿيندي. رپورٽن موجب، هي دورو اهڙي وقت ٿي رهيو آهي جڏهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪيترائي معاملا بحث هيٺ آهن جن ۾ وچ اوڀر جي سڪيورٽي، ٽيڪنالاني ۽ تازي غزه بحران کي نظر ۾ رکندي خطي ۾ لاڳاپن جي بحالي سميت ٻيا معاملا شامل آهن. ان حوالي سان امريڪي رسالي بلومبرگ چيو آهي ته امريڪي صدر سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ايف 35 جهازن جي ڊيل جي ويجهو آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ۽ دفاعئي معاهدن تي ايندڙ اڱاري تي صحيح جو امڪان آهي. ماهرن موجب، محمد بن سلمان جي واشنگٽن اچڻ جو مقصد امريڪي دفاعي ۽ ٽيڪنالاجي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ ۽ سعودي عرب جي سڪيورٽي ۽ معيشيت کي مستحڪم ڪرڻ آهي، ملاقات دوران اسرائيل-سعودي لاڳاپن جو معاملو به غور هيٺ اچڻ جو امڪان آهي. ماهرن موجب، هيءَ ملاقات خطي جي سياست ۽ مستقبل جي لاڳاپن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگھي ٿي…………….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
22.4 ° C
22.4 °
22.4 °
63 %
8.3kmh
18 %
سُومر
23 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون