سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جو وزيراعظم شهباز شريف سان ٽيلفونڪ رابطو

- Advertisement -
سعودي ولي عهد محمد بن سلمان، وزيراعظم شهباز شريف سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي. سعودي ولي عهد محمد بن سلمان، وزيراعظم شهباز شريف کي عهدو سنڀالڻ تي واڌايون  ڏنيون آهن. وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم شهباز شريف  خادم حرمين شريفين سلمان بن عبدالعزيز جي صحتيابي لاءِ دعا گهري. وزيراعظم سعودي قيادت ۽ عوام کي رمضان جي مبارڪباد به ڏني آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته دعا آهي ته هي مقدس مهينو سموري دنيا جي مسلمانن لاءِ امن ۽ خوشحالي آڻي. شهباز شريف چيو ته پاڪستان جا سعودي عرب سان تاريخي، ثقافتي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن هر ڏکئي وقت ۾ هڪٻئي جي مدد ڪئي آهي. وزيراعظم ، پاڪستان جي حمايت تي سعودي ولي عهد سلمان بن عبدالله جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏيندي چيو ته پاڪستاني عوام شاهي عظمت جي آجيان جي منتظر آهي. سعودي ولي عهد محمد بن سلمان، وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. سعودي ولي عهد محمد بن سلمان پاڪستان جي حمايت واري عزم جو ورجاءَ به ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
3 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
28%
2.6m/s
0%
اڱارو
27 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
26 °

تازه ترين خبرون