تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان گذريل ڏينهن انتهائي فائديمند ملاقات ٿي: وزيراعظم شهباز شريف

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان گذريل ڏينهن انتهائي فائديمند ملاقات ٿي، پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏجي ترقي جون منزلون طئي ڪندا. رياض ۾ سعودي سيڙپڪاري واري وزير انجنيئر خالد بن عبدالعزيز الفالح ۽ صلاحڪار شاهي ديوان سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اهو پاڪستان سان مالياتي معاملن ۽ معاهدن ۾ سهڪار ڪرڻ تي سعودي ولي عهد جو ٿورائتو آهي. پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏجي اڳتي ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندا. هن چيو ته فيوچر انويسٽمينٽ انيشيٽو سعودي ولي عهد جو ويزنري پلان آهي، جنهن کي خطاب ڪرڻ جو موقعو مليو، سعودي عرب جي ضرورت موجب هنرمند افرادي قوت فراهم ڪندا. ان موقعي تي سعودي سيڙپڪاري واري وزير چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس وفد جي ميزباني ڪرڻ فخر جي ڳالهه آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات نتيجو ڏيندڙ رهي. سعودي سيڙپڪاري واري وزير چيو ته سعودي عرب لکين پاڪستانين جو ٻيو گهر آهي، شهباز شريف ڪانفرنس کي خطاب ۾ پاڪستان حڪومت جو ويزن پيش ڪيو. سعودي وزير چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب اقتصادي ڀائيواري کي مضبوط ڪري رهيا آهن، طئي ٿيل معاهدن تحت سيڙپڪاري جو ڪاٿو 2 ڏهائي 8 بلين ڊالر ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ 27 معاهدن مان 5 معاهدن تي عمل ٿي چڪو آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.2 ° C
19.2 °
19.2 °
24 %
1.7kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون