- Advertisement -
سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن جي اڪثريت جي حمايت باوجود گڏيل قومن ۾ فلسطين جي رڪنيت بابت ٺهراءُ منظور نه ٿي سگهيو، آمريڪا گڏيل قومن ۾ فلسطين جي رڪنيت واري درخواست کي ويٽو ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، اجلاس ۾ سلامتي ڪائونسل جي 12 ميمبرن گڏيل قومن ۾ فلسطين جي ميمبرشپ جي حمايت ڪئي پر آمريڪا درخواست کي ويٽو ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، برطانيا ۽ سوئزرلينڊ گڏيل قومن ۾ فلسطين جي ميمبرشپ بابت قرارداد تي ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو.
آمريڪي ويٽو تي رد عمل ظاهر ڪندي فلسطيني صدر چيو ته آمريڪا طرفان درخواست کي ويٽو ڪرڻ جو قدم غير منصفاڻو ۽ غير اخلاقي آهي، هو ان جي مذمت ڪن ٿا.
ٻئي پاسي اسرائيل جي پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته سلامتي ڪائونسل ۾ شرمناڪ ٺهراءُ رد ڪيو ويو، دهشتگردي کي فلسطيني رياست کي انعام نه ڏنو ويندو.
اسرائيلي پرڏيهي وزير آمريڪا جي ويٽو جي قدم جي واکاڻ ڪئي……- Advertisement -
