- Advertisement -
سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي جي مختلف علائقن ۾ سخت ڪوهيڙي سبب موٽروي ۽ روڊن رستن تي ٽريفڪ سخت متاثر ٿي وئي.
ملڪ جي مختلف علائقن ۾ سخت ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽجي وئي.
موٽر وي پوليس جي ترجمان موجب لاهور سيالڪوٽ موٽر وي سمبڙيال تائين بند آهي.
ترجمان موجب موٽر وي 2 لاهور کان ڪوٽ سرور تائين، موٽر وي 3 فيض پور کان سمندري تائين بند آهي.
موٽر وي ترجمان وڌيڪ چيو ته موٽر وي 5 شير شاهه کان اُچ شريف تائين بند ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
