- Advertisement -
سنڌو درياءَ ۾ پاڻي وهڪرن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، گڊو بئراج ۽ سکر بئراج وٽ ننڍي ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي.
گڊو بئراج وٽ ٽن ڏينهن کان ننڍي ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي.
24ڪلاڪن اندر پاڻي سطح ۾ 53 هزار 9 سئو ڪيوسڪ واڌ ٿي آهي.
گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 12 هزار 384 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 6 هزار 222 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
گڊو بئراج مان نڪرندڙ بيگاري سنڌ فيڊر ۾ ٽن ڏينهن کان پاڻي جي ڇوڙ بند ڪيو ويو آهي.
سکر بئراج وٽ گذريل 12 ڪلاڪن کان هيٺانهين درجي جي ٻوڏ برقرار آهي.
سکر بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 2 لک 36 هزار 6 سئو ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 18 هزار 50 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
