تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

سنڌو درياهه جي پڇڙي وارن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي : مراد علي شاهه

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌو درياهه جي پڇڙي وارن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي،  سمنڊ ۾ جيترو پاڻي ڇوڙ ٿيڻ گهرجي اوترو دستياب ئي ناهي، هاڪي راند جي ترقي لاءِ سيڙپڪاري باوجود ڪي نتيجا نه ملي سگهيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. آسٽريلين هاءِ ڪمشنر چيو ته هن ڀنڀور جو دورو ڪيو آهي، ڀنڀور ۾ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا، مهمانن جي ڪتاب ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جا انگريزي ۾ خوبصورت تاثر لکيل هئا. وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر وچ ۾ آثار قديمه، ماحوليات، دريائي نظام ۽ انڊس ڊيلٽا بابت تفصيلي ڳالهيون ٿيون. آسٽريلين هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنس جو چوڻ آهي ته انڊس ڊيلٽا جي تمام شاندار تاريخ آهي، سنڌ سرڪار انڊس ڊيلٽا جو تحفظ ڪري ۽ سامونڊي آبي جيوت جي خوراڪ ۽ گدلاڻ کان محفوظ رکيو وڃي، سنڌو درياهه جو پاڻي انڊس ڊيلٽا ۾ وڃڻ سان سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ جو قدرتي ذريعو آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌو درياهه جي پڇڙي وارن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، سمنڊ ۾ جيترو پاڻي ڇوڙ ٿيڻ گهرجي اوترو دستياب ئي ناهي، سنڌ ۾ مختلف مذهبن جا ماڻهو محبت ۽ ڀائيچاري سان رهن ٿا. آسٽريلين هاءِ ڪمشنر چيو ته هو هاڪي جو رانديگر آهي ۽ هاڪي کيڏندو رهيو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هاڪي راند جي ترقي لاءِ سيڙپڪاري باوجود ڪي نتيجا نه ملي سگهيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
10 %
1.7kmh
51 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون