- Advertisement -
سنڌ آبادگار بورڊ، ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن سان صوبائي ڀائيچارو متاثرن ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪندي چيو آهي ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن سان سمورا اختيار چيئرمين حوالي ٿي ويندا، پاڻي جي ورڇ تي پهريون ئي صوبن ۾ اختلاف آهن، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم سان پاڻي ورڇ جي مسئلن ۽ چئلينجن ۾ اضافو ٿيندو.
حيدرآباد ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جو اجلاس مرڪزي صدر محمود نواز شاھ جي صدارت ۾ ٿيو.
اجلاس ۾ ڊاڪٽر محمد بشير نظاماڻي، سيد نديم شاھ، محمد ملوڪ نظاماڻي، سرفراز جوڻيجي، عرفان جتوئي، محمد اسلم مري، عمران بوزدار، محمد طاها ميمڻ، مسرور سومري، يار محمد لغاري، محمد اسلم بلوچ، احسن ارباب، مراد علي شاھ بُڪيرائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
سنڌ آبادگار بورڊ جي اجلاس ۾ ارسا ايڪٽ ۾ رٿيل ترميمن ۽ موسمياتي تبديلين سميت زراعت جي مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.
اجلاس ۾ ارسا ايڪٽ ۾ حڪومت جي تجويز ڪيل ترميمن تي تفصيلي بحث ڪيو ويو.
سنڌ آبادگار بورڊ چيو تھ تجويز ڪيل ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن سان سمورا اختيار رڳو چيئرمين کي ملي ويندا، جيڪو آبپاشي توڙي ھائيڊرولاجي جو ماهر نه هوندو ۽ نه ئي کيس لاڳاپيل معاملن ۾ ڪو تجربو هوندو، جنهن طريقي سان جوڙجڪ جي تجويز ڏني پئي وڃي، ان سان فيصلا ڪرڻ ۾ صوبن جو آواز دٻجي ويندو.
سنڌ آبادگار بورڊ چيو ته ارسا ايڪٽ پاڻي جي 1991ع واري ٺاهه موجب عمل ۾ آيو، جنھن جو مقصد رڳو پاڻي جي معاھدي تي عمل ڪرائڻ آهي، اھو معاھدو پاڻي جي استعمال بابت مختلف صوبن ۾ ڏهاڪن جي اختلافن کان پوءِ سمورن صوبن جي اتفاق ۽ صحيحن سان ڪيو ويو.
اڳواڻن وڌيڪ چيو تھ پاڻي جي معاهدي ۽ ان تي عمل ۾ صوبائي ڀائيچارو تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، ارسا ۾ اختلافن جي صورت ۾ بحث لاءِ ٻيو وڏو فورم گڏيل مفادن واري ڪائونسل آهي، جيڪو هڪ اهم آئيني ادارو آهي جتي فيصلو ڪرڻ ۾ صوبن جي راءِ کي اھميت ڏني وڃي ٿي.
اجلاس ۾ سنڌ آبادگار بورڊ، وفاقي حڪومت طرفان ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي ڪوششن تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته پاڻي جي ورڇ تي عمل بابت اڳ ئي اعتراض موجود آهن، موجوده ايڪٽ ۾ وڌيڪ ترميم ذريعي وفاقي حڪومت جي من پسند فيصلن تي عمل ۾ آساني پيدا ڪرڻ سان مسئلن ۽ چئلينجن ۾ واڌ ٿيندي.
سنڌ آبادگار مطالبو ڪيو ته ارسا ايڪٽ ۾ تجويز ڪيل ترميمن جو فيصلو فوري طور تي واپس ورتو وڃي.
سنڌ آبادگار بورڊ جي اجلاس ۾ تازين برساتن سبب زراعت تي پيل اثرن ۽ نقصانن جو پڻ جائزو ورتوويو.
اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته برساتن سان وونڻن، سارين بصر، ٽماٽن ۽ ٻين ڀاڄين کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، بدين ۽ ميرپورخاص جا ضلعا سخت متاثر ٿيا آهن، پھرين گرمي جي لهر ۽ پوءِ برساتن ۽ ٻوڏ جي ڪري پوک کي سخت نقصان پھتو آهي.
اجلاس ۾ آبادگارن جو چوڻ هو ته گذريل سال ڦٽين جو سرڪاري اگھه ساڍا 8 هزار روپيا في مڻ مقرر ٿيل ھو، جنھن کان پوءِ پيداواري خرچن ۾ واڌ ٿي آهي پر ڦٽين جو اگھه 5500 کان 6500 روپين تائين ملي رھيو آھي جنھن جي نتيجي ۾ ھن سال آبادگارن کي پيداوار جي گهٽتائي، زرعي جنسن جي اگهن ۾ گهٽتائي ۽ موسمياتي تبديلين سبب وڏي پيماني تي نقصان کي منھن ڏيڻو پوندو.- Advertisement -
