تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ اسيمبلي جي الوداعي اجلاس ۾ مختلف ميمبرن پاران تقريرون ڪيون ويون

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ اسيمبلي جي الوداعي اجلاس ۾ مختلف ميمبرن پاران تقريرون ڪيون ويون، جڏهن ته گروپ فوٽو به ڪڍرايو ويو،  ايوان ڊگهي مدي تائين اسپيڪر رهڻ تي آغا سراج درانيءَ کي ڀيٽا وارو ٺهراءُ به منظور ڪري ورتو.

سنڌ اسيمبلي جو الوداعي اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس کان اڳ گروپ فوٽو ڪڍرايو ويو.

اجلاس دوران ڳالهائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ رعنا انصار چيوته قيد ۾ هوندي به ايوان هلائڻ تي هو اسپيڪر  آغا سراج دراني کي ڀيٽا پيش ڪن ٿا.

هن چيو ته سنڌ سرڪار سٺا ڪم ڪيا انهن تي ساراهه ڪئي پر ڇا ستر ورهين جا مسئلا حل ڪيا ويا؟ ارڙهين ترميم جو فائدو عوام کي پهتو آهي؟ اسٽريٽ ڪرائيم وڌي ويو آهي، عورتون محفوظ ناهن سيف سٽي منصوبي تي ڪم ڪيو وڃي.

رعنا انصار چيو ته نگران حڪومت لاءِ غير سياسي ماڻهن جي چونڊ ڪئي وڃي.

ناصر شاهه چيو ته ڏکين حالتن ۾ ايوان هلائڻ تي هو اسپيڪر کي واڌايون ڏي ٿو، مڪاني چونڊن ۾ ڪا هڪ گرفتاري ناهي ٿي، چئني صوبن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪم سنڌ ۾ ٿيو آهي.

هن چيو ته ٽن مهينن بعد اليڪشن ۾ پ پ اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي ۽ بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو وزيراعظم بڻجندو.

شرجيل ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته صوبي ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، پنهنجي ڪم نه ڳڻائي سگهڻ پ پ جي ڪمزوري آهي، سندن واحد رستو  عوام آهي، اميد ته عوام کين ڪامياب ڪندو ۽ هو ٻيهر ايون ۾ ايندا.

هن چيوته ڪورونا وبا دوران رٿابندي سان ڪم ڪيو، 21 لک ماڻهن کي گهر ٺهرائي ڏنا پيا وڃن، سندن واحد رستو عوام آهي.

اجلاس دوران اسپيڪر آغا سراج درانيءَ کي ڀيٽا پڻ منظور ڪيو ويو.

اسپيڪر کي ڊگهي مدي تائين اسپيڪر رهڻ وارو ٺهراءُ مخالف ڌر جي ميمبر عارف جتوئي پيش ڪيو.

الوداعي اجلاس کي خطاب ڪندي اسپيڪر آغا سراج دنرا چيو ته هو ساڍن چئن ورهين کان گرفتار آهي، سندس گهر تي چڙهائي وئي وئي، فريال ٽالپر، سعيد غني، وڏو وزير سڀ سندس گهر پهتا ۽ فيملي کي تحفظ ڏنو.

هن چيوته هو شهيد راڻي بينظير ڀٽو جا جانثار آهن، هن قيد ۾ هوندي ايوان هلايو، پر آئين موجب ايوان هلايو.

آغا سراج دراني چيو ته سنڌ خلاف ڪا به ڳالهه برداشت نه ڪئي ويندي، هو عوام جي خدمت ڪرڻ تي وڏي وزير کي سلام پيش ڪري ٿو. خطاب بعد اسپيڪر سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
13 %
2.8kmh
0 %
سُومر
25 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون