تازه ترين

سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جي اجلاس دوران سال 14-2013ع ۽ 17-2016ع جي ڏهن پيرائن ۾ هڪ ارب 12 ڪروڙ 80 لک رپين جي بي ضابطگين جو انڪشاف

- Advertisement -
سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جي اجلاس دوران سال 14-2013ع ۽ 17-2016ع جي ڏهن پيرائن ۾ هڪ ارب 12 ڪروڙ 80 لک رپين جي بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين نثار احمد کهڙي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ قاسم سراج سومري، سعديه جاويد، ڪوآپريٽو سوسائٽي جي سيڪريٽري محمد نواز سوهو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران سال 14-2013ع ۽ 17-2016ع جي ڏهن پيرائن ۾ هڪ ارب 12 ڪروڙ 80 لک رپين جي بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو. آڊٽ کاتي ڪوآپريٽو کاتي جي هڪ سينيئر ڪلارڪ طرفان ٻه پگهارو کڻڻ جي به نشاندهي ڪئي، جنهن تي سيڪريٽريءَ نواز سوهو ڪميٽيءَ کي ٻڌايو ته ڪلارڪ گورنر هائوس ۽ سيڪريٽريٽ مان هر مهيني ٻٽا الائونس کنيا. هن چيو ته خبر پوڻ تي ڪارروائي ڪئي وئي ۽ ڪلارڪت لکت ۾ گورنر هائوس مان ورتل 13 هزار 80 کنيل پگهارن مان 4 لک واپس ڪيا. اجلاس دوران ڪميٽي چيئرمين نثار احمد کهڙي، سعديه جاويد جي اعتراضن تي لکين رپيا اوڳاڙي نه ٿيڻ باوجود پيرا سيٽل قرار ڏني. پي اي سي اجلاس ۾ ڏهن ورهين کان ڪوآپريٽو سوسائٽي جي پيرائن بابت اجلاس نه ٿيڻ  ۽ ڊي اي سي نه ٿيڻ تي سيڪريٽري وائڙو ٿي ويو. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جي چيئرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي فنڊن ۽ ليزن ۾ ڦيرڦار توڙي فورم جي حڪم تي عمل نه ڪندڙ رجسٽرار ۽ اڪائونٽنٽ خلاف ڪارروائي جو حڪم جاري ڪيو……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.1 ° C
30.1 °
30.1 °
21 %
4.4kmh
5 %
جمعو
29 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون