تازه ترين

سنڌ بار ڪائونسل شاگردن ۽ شهرين تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ تي سخت لفظن جي مذمت، جاچ جو مطالبو

- Advertisement -
سنڌ بار ڪائونسل ميرپور ماٿيلي ۾ لا جي شاگردن ۽ سماجي ڪارڪنن مٿان دهشتگردي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. سنڌ بار ڪائونسل طرفان ميرپور ماٿيلي ۾ قانون جي شاگردن، سوشل ورڪرن ۽ شهرين تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري رستم ڀٽو آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي سکر کي خط لکي چيو آهي ته گهوٽڪي ضلعي جي ميرپور ماٿيلو ٿاڻو تي انصاف ڏيارڻ لاءِ جهدوجهد ڪندڙن ڪارڪنن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري خط ۾ چيو ته ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنا کي هدايت ڪئي وڃي ته هو شهرين خلاف داخل دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس ۾ ايماندار جاچ آفيسر مقرر ڪري اڻ ڌري جاچ ڪرائي ۽ ڪوڙي ايف آءِ آر ختم ڪئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.8 ° C
21.8 °
21.8 °
41 %
1.3kmh
0 %
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °
اربع
35 °

تازه ترين خبرون