- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت 2 ڄڻا فوت ۽ 6 زخمي ٿي پيا آهن.
چمبڙ ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا.
ميرواهه روڊ تي تيز رفتاري سبب رڪشا ڪلٽي ٿي پيو.
حادثي جي نتيجي ۾ ڳوٺ احمد هاشماڻي واسي 25 ورهين جو سجاد علي ڪپري ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته محرم ۽ غلام رسول صديقي زخمي ٿي پيا.
حادثي بعد فوتي جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
ٽنڊي مير علي ويجهو روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل عورت گمبٽ جي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي آهي.
ڇنڇر ڏينهن ملڪ چودڳي اسٽاپ وٽ بس ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر سبب ليلا ماڙوائي ۽ مڪيش ماڙوائي سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا جن کي گمس اسپتال گمبٽ منتقل ڪيو ويو هو.
زخمين مان ليلا ماڙوائي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي جڏهن ته مڪيش ماڙوائي جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس خيرپور جي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ميرپور ماٿيلي ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
قومي شاهراهه تي ٽرالر ۽ مسافر وين ۾ ٽڪر ٿي پيو.
حادثي جي نتيجي ۾ لياقت ڀٽو، مشتاق سولنگي، حبيب چنو ۽ احمد علي موچي زخمي ٿي پيا.
اطلاع ملڻ بعد پوليس حادثي واري هنڌ پهچي زخمين کي کڻائي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال پهچايو، جڏهن ته زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.- Advertisement -
