- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 5 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
تلهار ويجهو حيدرآباد_ بدين هاءِ وي تي تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ وارڊ نمبر 6 واسي نوجوان عزيب پٽ اڪبر ڪڇي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 10 ورهين جو ارسلام ڪڇي زخمي ٿي پيو.
نئين ديري لڳ ڳوٺ حسن واهڻ وٽ روهڙي کان ڪوٽڙي ويندڙ ٽرين جي ٽڪر ۾ 25 ورهين جي سيما زال نظير مڱڻيجو فوت ٿي وئي.
ڪنڊياري ۾ قومي شاهراهه تي ڳوٺ قابل مڱريو اسٽاپ وٽ ڪار رڪشا کي بچائيندي ڪلٽي ٿي پئي، حادثي جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
فيض گنج ويجهو ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 سڳا ڀائر فوت ٿي ويا.
ڳوٺ حسين پاتو ڀرسان ٽريڪٽر ٽرالي موٽرسائيڪل سوارن مٿان چڙهي وئي، حادثي ۾ 22 ورهين جو دادن لاشاري ۽ 7 ورهين جو جاڳڻ لاشاري ٿڏي تي فوت ٿي ويا.- Advertisement -
