- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ملير جي علائقي اسٽيل ٽائون ۾ قائداعظم پارڪ ڀرسان روڊ حادثي سبب هڪ نوجوان فوت ٿي ويو.
فوت ٿيل نوجوان جو لاش ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب فوتي جي سڃاڻپ 17 ورهين جي صدام پٽ سردار طور ٿي آهي.
ڊرٻ ميهر شاهه ڀرسان روڊ حادثي جي نتيجي ۾ نوجوان فوت ٿي ويو.
قومي شاهراھ تي پپري اسٽاپ وٽ ٽرڪ چنگچي رڪشا کي ٽڪر هنيو.
ٽرڪ جي ٽڪر سبب ڊرٻ ميهر شاھ واسي پورهيت نوجوان شھزادو اڄڻ ٿڏي تي فوت ٿي ويو.
اطلاع تي ٽنڊومستي پوليس فوتي نوجوان جو لاش گمس منقتل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو.
هوڏانهن فوتي نوجوان جو مڙهه گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو….- Advertisement -
