- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا.
هالا ڀرسان ٽرڪ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار 2 ڄڻا فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 18 ورهين جو سيتو پٽ هيرو ۽ شاهزيب پٽ امير بخش ڀنڀرو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو، ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
کهڙا ڀرسان موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.
خيرپور لاڙڪاڻي روڊ تي حنيف شاهه اسٽاپ تي موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ وزير شر ٿڏي تي فوت ۽ امداد شر زخمي ٿي پيو.
اطلاع تي پوليس پهچي لاش ۽ زخمي کي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
تلهار ڀرسان ڪار ججي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل 12 ورهين جي نينگر اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو.
تلهار –جهڏي روڊ تي ڪار جي ٽڪر ۾ 12 ورهين جو نينگر ونش پٽ ونيش زخمي ٿي پيو هو، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏنو ……- Advertisement -
