سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن ۾ نينگريءَ سميت 4 ڄڻا فوت ۽ عورت سميت 8 ڄڻا زخمي

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن ۾ نينگريءَ سميت 4 ڄڻا فوت ۽ عورت سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ڪراچي جي علائقي سائيٽ ايريا ۾ بس جي ٽڪر ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 6 زخمي ٿي پيا آهن، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو بس جو بريڪ فيل ٿيڻ سبب پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. جهڏو اسٽيشن روڊ تي شهزور گاڏي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ نينگري زريعت فوت ۽ سومار چانڊيو ۽ حڪيمان چانڊيو زخمي ٿي پيا. جهڏو پوليس حادثي واري هنڌ پهچي شهزور ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي. خانواهڻ ڪوٽڙي ڪبير لنڪ روڊ تي ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان عظمت شيخ فوت ٿي ويو. علائقي واسين فوتيءَ جو مڙهه خانواهڻ اسپتال پهچايو، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. خانواهڻ پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽريڪٽر ٽرالي کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
20 ° C
20 °
20 °
21%
1m/s
0%
آچر
22 °
سُومر
22 °
اڱارو
22 °
اربع
23 °
خميس
22 °

تازه ترين خبرون