- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قومپرست ڌرين طرفان ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ سنڌو درياهه مٿان نوان ڪئنال ٺاهڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن.
حيدرآباد، ٺٽو، ٺاروشاهه، وارهه، چوهڙ جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
حيدرآباد پريس ڪلب ٻاهران عوامي ورڪرس پارٽي طرفان بخشل ٿلهو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ٺٽي ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران امجد شورو، جاويد ناهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
ٺاروشاهه ۾ جيئي سنڌ محاذ طرفان عرفان ڏاهري، امتياز ڏهراج ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.
وارهه ۾ جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي سڏ تي غفار مير جت، دريا خان، صدام ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ويو.
چوهڙ جمالي ۾ جسم ۽ جساف طرفان رحيم بخش جمالي، امجد شاهه، فريد کٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري جمالي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويو.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم سنڌو درياهه تي ڌاڙو آهي ۽ اهو ڌاڙو ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويندو.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ جو غيرتمند عوام ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ سنڌو درياهه مٿان نوان ڪئنال ٺاهڻ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو.- Advertisement -
