تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قومپرست ڌرين طرفان ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف احتجاجي مظاهرا

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قومپرست ڌرين طرفان ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ سنڌو درياهه مٿان نوان ڪئنال ٺاهڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن. حيدرآباد، ٺٽو، ٺاروشاهه، وارهه، چوهڙ جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري نعريبازي ڪئي وئي. حيدرآباد پريس ڪلب ٻاهران عوامي ورڪرس پارٽي طرفان بخشل ٿلهو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٺٽي ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران امجد شورو، جاويد ناهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ٺاروشاهه ۾ جيئي سنڌ محاذ طرفان عرفان ڏاهري، امتياز ڏهراج ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. وارهه ۾ جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي سڏ تي غفار مير جت، دريا خان، صدام ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ويو. چوهڙ جمالي ۾ جسم ۽ جساف طرفان رحيم بخش جمالي، امجد شاهه، فريد کٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري جمالي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم سنڌو درياهه تي ڌاڙو آهي ۽ اهو ڌاڙو ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويندو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ جو غيرتمند عوام ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ سنڌو درياهه مٿان نوان ڪئنال ٺاهڻ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
39 %
5.9kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
31 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون